راض محمد خان عاشق

راض محمد خان عاشق: هيءُ مير غلام حيدر خان ثاني ڪوٽ مير محمد واري جو فرزند هو. شعر ۾ ڪڏهن پنهنجو نالو ۽ ڪڏهن تخلص عاشق ڪم آڻيندو هو. نامور محقق پير علي محمد شاهه راشديءَ جي تحقيق موجب هيءُ فارسي علم جو گوهر هو. سندس گفتگو، سندس وقار، رعب، فهم ۽ معامله شناسي، هر لحاظ کان قابل قدر ۽ قابل ديد هئي. مير راض محمد فارسي غزل ۽ سنڌي ڪافيءَ جي سٺن شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو